راجپال بولچند وسو مل

راجپال، بولچند وسو مل: بولچند وسو مل راجپال، ميان جي ڳوٺ، ضلعي شڪارپور ۾، 3 ڊسمبر 1902ع تي ڄائو. ابتدائي تعليم به ميان جي ڳوٺ جي پرائمري اسڪول مان ورتائين. ان زماني ۾ اسڪول ۾ يار محمد ٽانوريءَ جهڙا استاد ۽ عالم تعليم ڏيندا هئا، جن جي نظر هيٺ شاگرد باشعور ٿي نڪرندا هئا. اهڙيءَ طرح بولچند به قدم وڌائيندي ڏيارام ڄيٺمل سنڌ ڪاليج ڪراچيءَ مان سائنس ۾ گرئجوئيشن ڪري بي. ايس. سي (B.Sc) جي ڊگري ورتي. 1926ع ۾ شادي ڪري، وڏي ڀاءُ سان ڳوٺ ۾ ئي زمينداري ڪرڻ لڳو. ان ڌنڌي ۾ دل نه لڳس ته وڃي جيڪب آباد جي ميونسپل هاءِ اسڪول ۾ سائنس ماستر ٿيو. ٿوري عرصي بعد ’هندو جاتي‘ اخبار ۾ وشنو شرما سان گڏ صحافت ڪرڻ لڳو ۽ سب ايڊيٽر ٿي، بنا پئسي ڪم ڪندو رهيو. جنوري 1932ع ۾ پنهنجي ڳوٺ موٽي اچي پنهنجو رسالو جاري ڪري ساهت جي سيوا ڪرڻ جو سوچيائين. ائين سنڌو رسالو شڪارپور مان جاري ڪيائين. سيپٽمبر 1939ع کان ماڌو داس شوالو مل ساڻس ايڊيٽرشپ ۾ شامل ٿيو. جنوري 1942ع کان ناميارو شاعر هري دلگير هن رسالي جي ’نظم‘ جي ڀاڱي جو ايڊيٽر ٿيو. جنوري 1942ع کان ’سنڌو ٽرسٽ بورڊ‘ ٺاهي ’سنڌو‘ ۽ ’ڀارت پريس‘ ان جي حوالي ڪيا ويا.
بولچند راجپال کي ’سنڌو‘ رسالي سان وڏو عشق هو. هن ٻيءَ جنگ عظيم دوران ۽ ملڪي هلچل جي اثرن جي ڪري ڪاغذ جي مهنگائيءَ ۽ ڇپائيءَ جي مسئلن کي به منهن ڏيندي، ٿورن صفحن جي ضخامت ۾ به ’سنڌو‘ رسالي کي جاري رکيو ۽ ڪڏهن ميان جي ڳوٺ ته ڪڏهن جيڪب آباد مان شايع ڪندو رهندو هو. سن 1947ع ۾ ’سنڌو‘ ڪراچيءَ مان ڪڍيائين. ننڍي کنڊ جي ورهاڱي سبب آگسٽ 1947ع جو آخري شمارو شايع ڪري هند هليو ويو ۽ اتي وڃي پيپل منڊي آگري مان 1954ع کان ان جي اشاعت شروع ڪيائين. 1957ع ۾ آگري کان دهليءَ وڃي آباد ٿيو ته ’سنڌو‘ رسالو به دهليءَ مان پڌرو ڪيائين. دهليءَ مان دل اُچاٽ ٿيس ته سهجپور احمد آباد ۾ وڃي وسيو ته جنوري 1966ع کان سنڌو احمدآباد مان ماهوار بدران ٽماهي سنڌو ڪري ڪڍيائين ۽ مالي کوٽ سبب ٻه سال هلائي کيس لاچار بند ڪرڻو پيو، جيڪا ڳالهه بولچند راجپال لاءِ صدمي کان گهٽ نه هئي. بولچند راجپال سنڌي ٻولي ۽ ادب جو وفادار شيدائي ۽ شائق هو ۽ ان عشق ۾ گهر ٻاري ڏياري ڪري ڏيکاريائين ۽ هي ادب دوست شخص بي سر و سامانيءَ جي حالت ۾ 6 فبروري 1971ع تي سهجپور، احمدآباد ۾ لاڏاڻو ڪري ويو ۽ سندس رک مٽيءَ ماءُ سنڌ جي حوالي نه ٿي سگهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1902.12.03  عيسوي

بولچند وسو مل راجپال، ميان جي ڳوٺ، ضلعي شڪارپور ۾، 3 ڊسمبر 1902ع تي ڄائو.


1971.02.06  عيسوي

هي ادب دوست شخص بي سر و سامانيءَ جي حالت ۾ 6 فبروري 1971ع تي سهجپور، احمدآباد ۾ لاڏاڻو ڪري ويو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

علاؤالدين قريشي
جئرام داس دولترام
رحيم بخش جمالي
اي آر ناگوري
فاروق ستار
ڀڳڙو خان جيڻو
حاجي غلام حسين ڊاڪٽر
پير صدرالدين
خادم حسين انڙ
انو سولنگي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون